ريڊيائي ناٽڪ

ريڊيائي ناٽڪ: ناٽڪ/ ڊرامي جي تاريخ تمام آڳاٽي آهي. ڊرامو/ ناٽڪ انساني تهذيبي ارتقا کان هڪ فن جو اهڃاڻ بڻيل آهي، جيڪو مختلف مرحلن مان گذرندي ترقيءَ جا مختلف دؤر عبور ڪري چڪو آهي. جيتوڻيڪ ڊرامي/ ناٽڪ کي ادب جي خارجي صنف سڏيو وڃي ٿو. باوجود ان جي ڊرامي/ ناٽڪ جي پنهنجي هڪڙي افاديت رهي آهي. ريڊيو ڊرامو، جيڪو ننڍي کنڊ (پاڪ ۽ هند) ۾ ڊرامي جي فن ۾ هڪ وڏي تبديلي هئي. ان پاڪستان جي سمورن ٻولين جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ريڊيو تان ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، ڍاڪا ۽ حيدرآباد تان سنڌي، پنجابي، بنگالي ۽ ٻين ٻولين ۾ تمام سٺا ۽ معياري ڊراما پيش ڪيا ويا، جيڪي اهل فڪر ۽ اهل ذوق ماڻهن ۽ ڊرامي سان دلچسپي رکندڙن لاءِ نه وسرڻ جوڳا آهن.
اسان وٽ ريڊيو جو ڊرامو بلوغت واري عمر مان نڪري پختگيءَ يا پختي عمر ۾ داخل ٿي چڪو هو، پر سال 1965ع کان ملڪ ۾ ٽيليويزن جي آمد سان ريڊيو ڊرامي جي اهميت گھٽجڻ شروع ٿي.
ننڍي کنڊ ۾ ريڊيو ڊرامي ان وقت عروج حاصل ڪيو، جڏهن فلم پنهنجي مستحڪم پوزيشن ٺاهي رهي هئي. ٿئيٽر جي روايت ڪافي حد تائين مري چڪي هئي. جيتوڻيڪ سئنيما جي اچڻ تي سئنيما جي مخالفت ڪئي وئي، پر هن ماڻهن جي ذهنن تي گھرو اثر ڇڏيو. هڪ طرف سئنيما جي مخالفت ته ٻئي پاسي اهو خطرو لاحق ٿي ويو ته اسٽيج جو زوال ايندو ۽ ائين ئي ٿيو. سئنيما ننڍي کنڊ ۾ خاص ڪري ڊرامي جي فن کي سڀ کان وڌيڪ نقصان رسايو. ٿوري ئي عرصي ۾ فلم فنونِ لطيفه ۾ پنهنجي جاءِ مستحڪم ڪري ورتي. جڏهن ريڊيو آيو ته اهو سمجھيو ويو ته ريڊيائي ڊرامن سان فلم جو مقابلو ڪري سگھبو. ريڊيو ڊرامي حقيقت ۾ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هيءَ صنف مغرب مان اسان وٽ آئي، جيتوڻيڪ ان وقت انگريزي ريڊيائي ڊرامي جي تاريخ ڪافي پراڻي ٿي چڪي هئي. ننڍي کنڊ ۾ ريڊيو ڊرامو هڪ نئين شيءِ هو، جيڪو اصولي طور اسٽيج کان ڪافي مختلف هو ۽ ڊرامي سان دلچسپي رکندڙ شائقين کي پڪ هئي ته ريڊيو ڊراما ضرور پنهنجو عروج حاصل ڪندا، پر ائين ٿي نه سگھيو، ريڊيو ڊراما ڪجهه عرصي تائين مقبول رهيا. ان لاءِ جو ريڊيو ڊراما لکندڙن جو تعداد تمام گھٽ هو. ٻيو ته ريڊيو جي ضرورتن ۽ گھرجن مطابق ڊرامو لکڻ هر اديب يا ليکڪ جي وس کان ٻاهر هو. ورهاڱي کان اڳ جي سي ريٿ جي ڪوشش سان سال 1927ع ۾ ڪلڪتي مان ريڊيو نشريات جو آغاز ٿيو. آل انڊيا ريڊيو وري 1935ع ۾ مدراس، بمبئي، ڪلڪتي ۽ لاهور مان پنهنجي نشرياتن جي شروعات ڪئي. اهي ان وقت پبلڪ جي سرمائي سان نجي ريڊيو ڪلب ۽ محدود پهچ جون ريڊيو اسٽيشنون هيون.
1927ع ۾ ريڊيو ڪلڪتي تان مشهور ٿيٽر ’ناٽيه مندر‘ جا ڊراما نشر ٿيا. ريڊيو براڊڪاسٽنگ سروس جي شروعات ڊرامي سان 1935ع کان ٿي. هي ابتدائي دؤر هو، جيڪو 1937ع تائين هليو، جنهن ۾ ريڊيائي ڊرامي جي ضرورتن ۽ جوڙجڪ جو جائزو ورتو ويندو هو. ڊرامي جا لوازمات ۽ اصول واضح ٿيندا رهيا ۽ انهيءَ مدت دوران هڪٻئي پٺيان لاهور، پشاور، لکنؤ، بمبئي، مدراس، ڪلڪتي ۽ ڍاڪا شهر ۾ ريڊيو اسٽيشنون قائم ٿيون. ريڊيائي ناٽڪ جو ٻيو دؤر 1939ع کان 1942ع تائين هو. هن وقت ڊرامي ۾ ڪنٽرول پينل جي آمد ۽ ان جي نسبت سان ڊرامي ۾ موسيقي ۽ صوتي اثرن (Effects) جي امتياز سان ڊرامي لاءِ فضا قائم ڪرڻ تي ڌيان ڌريو ويو، جنهن کانپوءِ ڊرامي جي تڪميل جي دؤر جو آغاز ٿيو. ان کانپوءِ ليکڪن اهڙا ڊراما لکڻ شروع ڪيا، جن لاءِ خاص طور نشرياتي ٽيڪنيڪ کي نظر ۾ رکي سوچبو ۽ لکبو هو.
ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي وقت جيڪي پرڳڻا پاڪستان ۾ شامل ٿيا، تن مان فقط ٽن شهرن لاهور، پشاور ۽ ڍاڪا ۾ ريڊيو اسٽيشنون قائم هيون. ورهاڱي دوران جيتوڻيڪ ڪيترن ڊرامن جا اسڪرپٽ/ مسودا ساڙيا ويا يا غائب ٿي ويا. باوجود ان جي عصري تقاضائن کي مدنظر رکندي انهن مسئلن تي ڊراما لکيا ويا، جيڪي نئين ملڪ کي درپيش هئا. ان وقت لڏپلاڻ جي موضوع تي يادگار ڊراما لکيا ويا. نون معاشرتي مسئلن ۽ روين کي تاريخي حوالن سان ريڊيو ڊرامي ذريعي پيش ڪيو ويو.
ريڊيو ڊرامو پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان اسٽيج ڊرامي، ٽيلي پلي، فلم ۽ پُتلي کيل تماشي کان بلڪل جدا ۽ مختلف آهي. ريڊيو ڊرامو رڳو ٻڌي سگھجي ٿو. هن ڊرامي ۾ لفظن ذريعي مڪمل واقعو، سمورا ڪردار ۽ پلاٽ جو ڪلائيميڪس سڀ ڪجهه پيش ڪيو وڃي ٿو.
ريڊيائي ڊرامي ۾ سڄو عمل تخيل ۾ ڏنو وڃي ٿو. اهڙا ڊراما ائين ئي لکبا آهن، جو ٻڌندڙ پنهنجي تخيل ۾ سڀ ڪجهه ڏسي سگھن. ريڊيو ڊرامي ۾ وڌيڪ زور مڪالمن تي هوندو آهي. هن ڊرامي ۾ اهڙا منظر پيش ڪيا ويندا آهن، جيڪي ريڊيي تي آسانيءَ سان پيش ڪري سگھجن. مڪالمن کانپوءِ آواز جو تاثر ريڊيو ڊرامن ۾ وڌيڪ اهميت رکي ٿو. منظر بدلائڻ لاءِ وچ واري وقفي ۾ موسيقي يا ڪنهن آواز جو تاثر ايترو ۽ اهڙو استعمال ڪبو آهي، جو گذريل منظر سان ان جي ڪيفيت جو به تعلق رهي ۽ ٻڌندڙن کي جدا منظر طرف لاڙي سگھجي. ريڊيو ڊرامي ۾ هر نوعيت جا ڊراما پيش ڪري سگھجن ٿا. مزاحيه ڊراما، المياتي ڊراما، تاريخي ڊراما ريڊيو تان آسانيءَ سان پيش ڪري سگھجن ٿا. پاڪستان ۾ ريڊيو ڊرامي جي تاريخ ۾ سال 1956ع اهم هو. ان ڪري جو ريڊيو تان سيد امتياز علي تاج جو مشهور ڊراموانارڪلي‘ ناليواري براڊڪاسٽر شمس الدين بٽ پيش ڪيو.
سنڌيءَ ۾ ريڊيائي ناٽڪ جي شروعات 1955ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن قائم ٿيڻ سان ٿي، جتي ’سولو پلي‘ ۽ قسطوار ڊراما پيش ڪيا ويندا هئا. هن قسم جي ناٽڪن ٻڌندڙن ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي، ريڊيو پاڪستان تان پيش ٿيندڙ ريڊيائي ناٽڪ عشق، محبت، جاسوسي، سائنس، پراسراريت، شڪار، لوڪ ڪهاڻين، تاريخي ۽ نيم تاريخي، داستانن تي مشتمل هوندا هئا. سيد منظور نقوي پهريون سنڌي اديب آهي، جنهن گھڻي وقت تائين اردو تان ترجمي ڪرڻ کانپوءِ سنڌيءَ ۾ ناٽڪ لکيا ۽ پيش ڪيا. منظور نقويءَ ڪيترن ئي موضوعن تي لکيو، جن ٻڌندڙن ۾ مقبوليت ماڻي. سندس ريڊيو تي پيش ٿيندڙ ناٽڪن ۾ ٻن ناٽڪن ’شابا‘ ۽ ’جيئرو بت‘ عام ٻڌندڙن ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي. ’شابا‘ ناٽڪ منظور نقويءَ جي لکيل ناٽڪن مان موضوع جي لحاظ کان هڪ انوکو ناٽڪ آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙي پيءُ جو ڪردار پيش ڪيو ويوآهي، جيڪو جوا ۾ سڀ ڪجهه هارائي ويهي ٿو. ايتري قدر جو پنهنجي اڪيليءَ ڌيءَ شابا به جوا جي داءَ تي هارائي وجھي ٿو، جنهن بعد اهو شخص اڪيلو ۽ تنها رهجي وڃي ٿو. منظور نقويءَ کان پوءِ ريڊيائي ناٽڪ لکندڙن ۾ ممتاز مرزا جو نالو سر فهرست آهي. ممتاز مرزا هڪ افسانه نگار جي حيثيت سان سنڌي ادب ۾ داخل ٿيو ۽ نون نون موضوعن تي افسانا لکڻ ڪري شهرت حاصل ڪيائين. ممتاز مرزا ريڊيائي ناٽڪ جي دنيا ۾ اهو پهريون اديب هو، جنهن سنڌ جي مشهور تاريخي ڪردارن ’لاکي ڦلاڻي‘ ۽ ’دريا خان‘ جي ڪارنامن کي ريڊيائي ناٽڪن ۾ پيش ڪيو. انهيءَ کانسواءِ هن لوڪ داستان ’پنري بڊاماڻي‘ تي به ريڊيائي ناٽڪ لکيو. ممتاز مرزا جو ناٽڪ ’واٽون ۽ نيڻ‘ هڪ تاريخي ناٽڪ آهي، جنهن ۾ پورچوگيزن جي ٺٽي تي چڙهائي ۽ ٺٽي جي تباهيءَ جي ڪهاڻي پيش ڪيل آهي. ان کانسواءِ ممتاز مرزا جي لکيل ريڊيائي ناٽڪن ۾: آخري رات، تلاش ۽ موت قابل ذڪر آهن.
1963ع ۾ ناليواري ڪهاڻيڪار آغا سليم ريڊيو جي اداري ۾ شامل ٿيڻ بعد ’واپسي‘، ’روپ- ٻهروپ‘، ’گلن جھڙا گھاوَ‘ ۽ ’گل ڇنو گرنار جو‘ وغيره ريڊيائي ناٽڪ لکيا.
نامور اديب مراد علي مرزا جي لکيل ريڊيائي ناٽڪن ۾ ’قيد خانو‘، ’زنجير‘، ’چوراهو‘، ’اداس پاڇا‘ ۽ ’بيگار ڪئمپ‘ قابل ذڪر آهن. ان کانسواءِ نامور ڪهاڻيڪار امر جليل، الياس سومرو'>ابن الياس سومرو، عبدالغفور انصاري، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، عثمان انصاري، شمشيرالحيدري، محمد اسماعيل عرساڻي، زيب عاقلي، غلام حيدر صديقي، قاضي خادم، طارق عالم ابڙو، زيب سنڌي، سحر قريشي، ماڪن شاهه رضوي، سحر امداد، نثار حسيني، اياز عالم ابڙو، دلبر چانڊيو، عبدالجبار منگي، شاهين سنڌي، ريڊيائي ناٽڪ لکندڙن ۾ قابل ذڪر آهن، جن ريڊيو ناٽڪن کي نوان روپ ڏئي پيش ڪيو.
ريڊيائي ناٽڪن ۾ جن اداڪارن نڀايو، انهن ۾ اي. آر. بلوچ، مصطفيٰ قريشي، سيما، سڪينه سمون، مهتاب چنا، قمر ميمڻ، شهزادي، روشن عطا، نور محمد لاشاري، يحيٰ ڀٽو ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. ريڊيائي ناٽڪ کي جيتوڻيڪ مختلف ٽي. وي چئنلن جي ڪري ڪافي ڌڪ رسيو آهي، پر پوءِ به ورهين پڄاڻان ريڊيائي ناٽڪ جي اهميت مئي ناهي. اڄ به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاڙڪاڻو، خيرپور، ڪراچي، مٺي، ڀٽ شاهه جي ريڊيو اسٽيشن تان ريڊيائي ناٽڪ پيش ٿيندا رهن ٿا.


لفظ ريڊيائي ناٽڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو